شهباز وٽ ڪجهه به ناهي، نواز سان بهتر ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف (ن) ليگ جو سربراهه آهي، ان ڪري ساڻس ڳالهيون بهتر ٿي سگهن ٿيون.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ صحافي فواد چوڌري کان سوال ڪيو ته اوهان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ ڪڏهن واپس اچي رهيا آهيو؟ ان تي فواد چوڌري چيو ته مان پي ٽي آءِ ڪڏهن ڇڏيان؟ اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ننڍي ڳالهه ٿي ته پي ٽي آءِ اندر شور مچي ويندو، تحريڪ انصاف وڏي پارٽي آهي، اختلاف ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو باني وڙهندو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو. ان لاءِ باني کي پي ٽي آءِ سان گڏ بيهڻو پوندو، فواد چوڌري چيو ته (ن) ليگ جي قيادت نواز شريف سان آهي، ساڻس ڳالهيون بهتر ٿي سگهن ٿيون، شهباز شريف وٽ ڪجهه ناهي، نواز شريف ملڪ ۾ سياسي ماحول بهتر ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو