شعيب شاهين جو اين اي 46 تان اليڪشن وڙهڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان شعيب شاهين قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 46 تان ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي ترجمان ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته هو اسلام آباد جي تڪ اين اي 46 تان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصو وٺندس،شعيب شاهين چيو ته ڪور ڪميٽي ۽ قانوني ڪميٽي ٽڪيٽن جي عمل کي ڏسي رهي آهي، سياسي شخصيتن کانسواءِ وڏي انگ ۾ وڪيلن کي ٽڪيٽون ڏنيون وينديون.هن وڌيڪ چيو ته ٽڪيٽ لاءِ اسان جو معيار اهو آهي ته پارٽي ۽ ملڪ جو وفادار ماڻهو هجي.شعيب شاهين اهو به چيو آهي ته حامد خان جي سربراهي ۾ وڪيلن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست جو عمل مڪمل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو