شريف خاندان ۽ زرداري ٻئي بادشاهت چاهين ٿا: شيرين مزاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته شريف خاندان ۽ زرداري ٻئي بادشاهت چاهين ٿا.فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا.ان موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو بادشاهت چاهين ٿا.هنن جو چوڻ هو ته اسان روز دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايندا آهيون.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته لڳي ٿو ته رڳو پي ٽي آءِ وارا ئي دهشتگرد آهن ٻيو ڪو نه، موجوده حڪومت جي ڪا به ڪارڪردگي ناهي.هڪ صحافي سوال ڪيو ته هوءَ پي ٽي آءِ ۾ واپس وڃي رهي آهي يا نه؟ شيرين مزاري جواب ڏيندي چيو ته اڃا ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، في الحال سياست ڇڏي ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو