شريف خاندان کي قيدي نمبر 804 جو خوف آهي: عمر ايوب

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ حزب اختلاف جي اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ آهي ته شريف خاندان قيدي نمبر 804 کان ڊڄي رهيو آهي. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ عوام کي شعور ڏنو آهي، ايندڙ دور پي ٽي آءِ جو آهي ۽ اهي حڪومتون ختم ٿينديون.هن چيو ته سندس پارٽي آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهي ٿي، هي پراڻو پاڪستان ناهي، عوام جاڳي چڪو آهي.عمر ايوب جو چوڻ آهي ته پشين ۽ چمن جي جلسن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي جهنڊو ڦڙڪائڻ نه ڏنو ويو، ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته رڪاوٽن باوجود ريلي ڪامياب ٿي، اسان جي اتحاد ۾ شامل پارٽيون سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍنديون.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته بلوچستان جا وسيلا سڀ کان پهريان اتي جي عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجن، جيڪو به صوبو هجي، وسيلا اتي جي عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو