ڪراچي (دريا خان شر) احتساب عدالت پي پي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ سندس گهر واري صدف شرجيل ۽ ٻين مفرور جوابدارن کي 21 ڊسمبر تائين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڇنڇر تي شرجيل انعام ميمڻ جي گهر واري صدف شرجيل ۽ والده زينت انعام ميمڻ ۽ ٻين پاران گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي دوران شرجيل انعام ميمڻ جي گهر واري جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شرجيل انعام ميمڻ جي گهر واري دبئي ۾ آهي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جي فيصلي خلاف حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ جي گهر واري ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ به معطل ڪري ڇڏيا آهن. شرجيل ميمڻ جي گهر واري سميت ٻيا جوابدار 14 ڊسمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا جنهن بعد عدالت مفرور جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته احتساب عدالت شرجيل ميمڻ جي گهر واري صدف شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا. جن ۾ شرجيل ميمڻ جي گهر واري، شرجيل، والده، ذيشان، اظهار حسين، محمد سهيل، سيف الله لوهار، آغا حسن، شوڪت علي ٿيٻو، ڪامران گل ۽ وسيم اختر ٿيٻو جوابدار طور نامزد ٿيل آهن. نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته شرجيل ميمڻ پنهنجي والده، گهرواري، پٽ ۽ ٻين جي نالن تي 2 ارب 27 ڪروڙ 9 لک رپين جو ملڪيتون ٺاهيون جيڪي سندس جائز آمدني مان ممڪن نه هيون. ياد رهي ته شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين خلاف پوڻا 6 ارب رپيا ڪرپشن جو ريفرنس اڳ ئي ٻڌڻي هيٺ آهي.
سنڌيار ڪراچي 27 جولاءِ 2024ع
سنڌيار سکر 27 جولاءِ 2024ع
ياد مخلص ماڻھوءَ جي
ڌرڻي جي رستا روڪ، سوين ڪارڪن گرفتار، ٽن هنڌن تي ڌرڻو جاري
ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 هزار 100 گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل
صدر ٻن ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪي پي ۾ ڪو به آپريشن نه ٿيندو، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنداسين
حڪومت طرفان جماعت اسلامي کي ڳالهين جي آڇ
عنبرين جان وفاقي سيڪريٽري اطلاعات و نشريات مقرر
چين ۽ سعودي عرب کان 9 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ جو امڪان
پاڪستان لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري
عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ پي ٽي آءِ لسٽ جمع ڪرائي ڇڏي
ڌرڻي کان روڪيو ويو ته امن خراب ٿيندو: حافظ نعيم
اڊيالا جيل ۾ ويٺل قيدي جو مشن ڌرڻن ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ آهي
اڪبر بگٽي خاندان ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي
ڪوٽ غلام محمد ۾ هٿياربندن جي ڪاهه، چاچو ۽ ڀائٽيو مارجي ويا
سن ڀرسان حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
نوجوان ڦر دوران مزاحمت تي قتل
بنگلاديش سيريز، سينئر رانديگرن کي ڊارپ ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ کي سومر تي احتجاج جي اجازت، عدالت جو حڪم