شرجيل ، حليم، نرسن ۽ آدمشماري بابت ڪيسن ۾ اهم پيش رفت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ غير قانوني اثاثن جي ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ جوابدار طور نامزد شوڪت علي ٿيٻو ۽ وسيم ٿيٻو جي ٻه ٻه لک رپين جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت نيب کي 21 جنوري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان موقعي تي عدالت شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين جي ضمانت ۾ پڻ ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي. نيب پاران اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سندس گهر واري صدف شرجيل، والده زينت انعام ميمڻ، ذيشان، اظهار حسين ٻرڙو، محمد سهيل، سيف الله لوهار، آغا احسن، شوڪت علي ٿيٻو، وسيم اختر ٿيٻو ۽ ڪامران گل خلاف داخل ڪيل ريفرنس  ۾ 2 ارب 27 ڪروڙ 9 لک رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.*** سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ  پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر حليم عادل شيخ کي نامزدگي فارم ۾ اثاثه ظاهر نه ڪرڻ تي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي حليم عادل شيخ ۽ ٻين ڌرين  کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت اهڙو حڪم جمعي شهري عبدالرحيم پاران پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ نااهل قرار ڏيڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عبدالرحيم نالي شهري پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو  آهي ته حليم عادل شيخ اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي آمدني لڪائي آهي.  گوشوارن ۾ پنهنجي ڌيئرن عائشه حليم ۽ مريم حليم جي خرچن جو ذڪر ناهي ڪيو جڏهن ته سندس ٻنهي نياڻين جا خرچ آمريڪي بئنڪ مان ادا ٿي رهيا آهن. درخواستگذار نيو جرسي بئنڪ اڪائونٽ جو نمبر ۽ تفصيل به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ   چيو ويو آهي ته حليم عادل شيخ جي گوشوارن ۾ نوابشاهه پولٽري ڪمپليڪس جو به ذڪر ناهي جنهنڪري گذارش آهي ته کيس اثاثن بابت غلط حلف نامو جمع ڪرائڻ تي نااهل قرار ڏنو وڃي.*** سنڌ هاءِ ڪورٽ 2017ع جي  آدمشماري ۾ صوبن جي آبادي بابت شماريات  ڊويزن  ۽ اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ ۾ تضاد هجڻ  بابت داخل درخواست تي اليڪشن ڪميشن جي جواب جي ڪاپي درخواستگذار ۽ ٻين ڌرين کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. سيد مريد علي شاهه پاران داخل ڪيل درخواست تي اليڪشن ڪميشن پاران جمع ڪرايل جواب ۾  ڄاڻايو  ويو آهي ته ملڪ ۾ نيون تڪبنديون 2017ع ٿيل آدمشماري جي بنياد تي ڪيون ويون آهن ۽ اليڪشن ڪميشن تڪبندين ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ڪئي آهي. قومي، صوبائي اسيمبلين ۽ نه ئي اليڪٽرول رول ۾ ڪا تبديلي ڪئي وئي آهي. آبادي بابت اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي ۾ بلڪل معمولي فرق آهي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار وڪيل ايڊووڪيٽ مريد علي شاهه اهو  موقف اختيار ڪيو ته آبادي بابت اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي انگن اکرن ۾ فرق آهي، شماريات کاتي موجب پاڪستان جي مجموعي آبادي 20 ڪروڙ 77 لک 74 هزار 520 آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن مطابق 20 ڪروڙ 77 لک 66 هزار 954 آهي. درخواستگذار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن 8 هزار جي لڳ ڀڳ پاڪستانين کي رڪارڊ ۾ غائب ڪري ڇڏيو آهي جيستائين آبادي جو تعين درست نه ٿيندو تيستائين چونڊ تڪ درست نٿا ٿي سگهن تنهن ڪري آبادي جي صحيح تعين تائين چونڊ عمل معطل ڪيو وڃي ڇاڪاڻ  ته غلط انگن اکرن جي بنياد تي ٿيندڙ چونڊون ڌانڌلي واريون هونديون. عدالت ڄاڻايل جواب جي ڪاپي درخواستگذار کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. *** سنڌ هاءِ ڪورٽ لياري جنرل اسپتال ۾ عورت نرسز  کي هيسائڻ  خلاف داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت اهڙو حڪم جمعي تي لياري جنرل اسپتال جي عورت نرسز اڳوڻي  قائم مقام پرنسپل شبانه بلوچ، اڳوڻي نرسنگ سپرينٽينڊنٽ حوا بي بي ۽ ٻين پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. درخواستگذار نرسز پاران داخل ڪيل درخواست ۾ ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ انور پالاري ۽ ايڊيشنل ايم ايس ڊاڪٽر شڪيل قريشي تي  هيسائڻ جو الزام لڳايو هو. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل  ايم ايس ڊاڪٽر شڪيل قريشي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته نرسز پاران لڳايل الزام ڪوڙا آهن اسپتال ۾ ڪنهن به عورت اسٽاف سان اهڙو ڪو واقعو ٿيو ئي ناهي جنهن بعد عدالت ڄاڻايل درخواست کي ناقابل سماعت قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو