حيدر آباد(ن س)سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح جي صدارت هيٺ عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌي شاگردن جي مسئلن تي غور ويچار ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا. MDCAT پرچي آئوٽ ٿيڻ جي مذمت ڪئي وئي. ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ KSP پاليسي ختم ڪرڻ، سنڌ ۾ نيون ميڊيڪل يونيورسٽيون قائم ڪرڻ، شاگردن کي هاسٽلون مهيا ڪرڻ ۽ يونيورسٽين جي داخلائن ۾ گريڊ شرط ختم ڪرڻ جا مطالبا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت طرفان سنڌ جي يونيورسٽين جي بجيٽ گهٽائڻ ذريعي شاگردن جي قتلام، ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ KSP پاليسي، هيڪ طرفان سنڌ جي يونيورسٽين جي بجيٽ گھٽائڻ، داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ ۾ گريڊ جي شرط، سمورين يونيورسٽين ۾ شاگردن کي مفت هاسٽلون نه ڏيڻ خلاف ۽ MDCAT ٽيسٽ ۾ پاسنگ مارڪن تي سيٽ نه ڏيڻ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ مرڪز طرفان 22 آڪٽوبر تي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي بک هڙتال ڪئي ويندي. 29 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي ويندي. 4 نومبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي بک هڙتال ڪئي ويندي. احتجاجي ريلي ۽ بک هڙتالن جي تيارين لاءِ تياريون ڪميٽيون جوڙيون ويون. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته MDCAT ٽيسٽ ۾ تازو پرچو آئوٽ ڪري ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي آهي. سنڌ جا تعليمي ادارا ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهن. MDCAT ٽيسٽ ۾ پاسنگ مارڪن تي شاگردن کي داخلائون نه ڏئي شاگردن جو مستقبل تباهه ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ نيون ميڊيڪل يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن. هنن چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين جي بجيٽ گهٽائي شاگردن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي. فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سان غريب شاگردن لاءِ اعلي تعيلم جي دروازا بند ڪيا ويا آهن. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ شاگرد دشمن بجيٽ آهي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي تعليمي بجيٽ ۾ اضافو ڪري. اڳواڻن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم صوبائي اسم آهي پر گذريل 15 سالن کان مسلسل سنڌ ۾ حڪمراني ڪرڻ باوجود پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ جي يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ ڪو اضافو ناهي ڪيو. زرداري مافيا سنڌ جي يونيورسٽين کي ڪرپشن جو آکاڙو بڻائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ شاگردن کي مفت هاسٽلون مهيا ڪيون وڃن. سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ گريڊ وڪرو جي منڊي لڳائي وئي آهي. يونيورسٽين جي انٽري ٽيسٽ ۾ گريڊ جو شرط ختم ڪيو ويو وڃي. اجلاس ۾ غلام علي زئور، ڪبير ڀيل، امجد سرگاڻي، نويد عباس ڪلهوڙو، نوروز ڪلمتي، حميد انقلابي، جميل ملاح، دلدار نوحاڻي، مجاهد بلوچ، ڪاشف ملاح، اياز صالح پليجو، علي رضا جلباڻي، مرتضي پرهياڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
