شاهين فٽ نه ٿيو، بابر اعظم جو پلان بي تي ڪم شروع

شاهين فٽ نه ٿيو، بابر اعظم جو پلان بي تي ڪم شروع

لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته نيڌرلينڊ سان ڪرڪيٽ سيريز هن خطي ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجندي.بابر اعظم نيڌر لينڊ ۾ ون ڊي سيريز بابت چيوته نيڌرلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ٻن مهينن کان فالو ڪري رهيو آهيان جڏهن ته نيڌرلينڊ جي ڪرڪيٽ ماڻهن تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي.شاهين شاهه آفريدي بابت ڳالهائانيدي پاڪستاني ڪپتان چيو ته شروعاتي ٻن ميچن ۾ شاهين شاهه آفريدي جي غيرموجودگي تي نوجوان بالرن کي موقعو ڏينداسين ته هو اڳتي اچي پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکارين. پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي روٽرڊيم ۾ کيڏي ويندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب منجهند ٻئين وڳي شروع ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ ٽئين ون ڊي ميچ به ان ئي ميدان تي ترتيبوار 18 ۽ 21 هين آگسٽ تي کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو