ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر شاهين شاهه آفريدي پنهنجي سسر ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بوم بوم آفريدي سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي.پنهنجي نئين انسٽاگرام پوسٽ ۾ شاهين آفريدي پنهنجي مستقبل جي سسر کي سندس لقب ”لالا“ سان سڏيو آهي.سوشل ميڊيا انسٽاگرام تي شاهين شاهه آفريدي پنهنجي مستقبل جي سسر سان تصوير شيئر ڪندي چيو ته اصل ورڪ آئوٽ تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهن توهان لالا سان گڏ جم ڪريو ٿا.ٻئي طرف شاهد ۽ شاهين آفريدي جا مداح انهن ٻنهي ستارن جي ڀيٽ ڪري رهيا آهن.هن پوسٽ جي ڪمنٽ باڪس ۾ شاهين شاهه آفريدي جي ڪيترن ئي مداحن جو چوڻ آهي ته سندس سسر شاهد آفريدي شاهين کان وڌيڪ خوبصورت آهي.










