شاهه ۽ بهراڻي جي رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ، احتساب هڪطرفو آهي، نفيسه

سکر( جيرام داس ) احتساب عدالت خورشيد شاهه جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪندي نيب کي 12 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو جوڊيشل رمانڊ پورو ٿيڻ بعد اين آءِ سي وي ڊي اسپتال مان ايمبولنس ذريعي احتساب عدالت سکر جي جج امير علي مهيسر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ان دوران نيب جي وڪيل عدالت کي خورشيد شاهه جي رمانڊ ۾ پندرنهن ڏينهن جي واڌ جي استدعا ڪئي جنهن تي خورشيد شاهه جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خورشيد شاهه جي گرفتاري کي  82 ڏينهن گذري چڪا آهن ان باوجود نيب هن مهل تائين ڪجهه به ثابت ناهي ڪري سگهي. هنن ضمانت لاء درخواست ان ڪري ناهي ڏني ته نيب پنهنجي جاچ مڪمل ڪري جنهن تي نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته خورشيد شاهه کي اڃا نوي ڏينهن ناهن گذريا آصف علي زرداري 120 ڏينهن کان نيب جي حراست ۾ آهي وڪيل جو چوڻ هو ته خورشيد شاهه جي انويسٽيگيشن لاء نيب چئرمين کان اجازت گهري آهي جيئن ئي اجازت ملي ته عدالت کي آگاهه ڪيو ويندو. جنهن بعد عدالت خورشيد شاهه جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪندي نيب کي 12 ڊسمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.  عدالت ۾ خورشيد شاهه جي پيشي بعد کيس طبيعت خراب هجڻ ڪري اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويو.هوڏانهن ساڳئي عدالت خورشيد شاهه جي جاچ ۾ گرفتار ٿيل ٺيڪيدار عبدالرزاق بهراڻي جي رمانڊ ۾ به 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. نيب ڪجهه ڏينهن اڳ سرڪاري ڪانٽريڪٽر عبدالرزاق بهراڻي کي گرفتار ڪيو هو .عدالت کي ٻڌايو ويو ته هن پنهنجي اڪائونٽ مان 25 لک پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا آهن ان بابت جاچ هلندڙ آهي ان ڪري رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي. واضح رهي ته عبدالرزاق بهراڻي تي اهو به الزام آهي ته هو پ پ اڳواڻ اعجاز جکراڻي جو فرنٽ مئن آهي جيڪب آباد جي فنڊ ۾ گهوٻين جي جاچ ۾ پڻ گهربل آهي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ نفيسه شاهه چيو ته نيب جو ڪارو قانون آهي. بنا ريفرنس جي خورشيد شاهه کي 82 ڏينهن ۽ فريال ٽالپور جي گرفتاري کي 5 مهينا گذري ويا آهن. نيب چئرمين چيو هو ته احتساب جي هوا گهلي رهي آهي پر هوائون صرف هڪ پاسي ڏانهن ئي گهلي رهيون آهن. نفيسه شاهه جو چوڻ هو ته احتساب عدالت جي جج اهو سوال اٿاريو آهي ته قوم جو پئسو ضايع ڪيو پيو وڃي پر ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا عدالت نيب کي ڏهه ڏينهن ڏنا آهن ته ثبوت پيش ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو