شاهه محمود کي نظريي تي بيهڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، پي ٽي آءِ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته شاهه محمود قريشي کي پي ٽي آءِ جي باني جي نظريي تي قائم رهڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته شاهه محمود قريشي جي گرفتاري جو ڪنهن به صورت ۾ جواز ناهي، کيس جن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، عدالت کيس ضمانت ڏني آهي.پي ٽي آءِ ترجمان موجب ان ظالماڻي عمل خلاف هر ممڪن ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو