راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ شاهه محمود قريشي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي کيس فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهر هاءِ ڪورٽ ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ جي جسٽس چوڌري عبدالعزيز ٻڌڻي ڪئي.راولپنڊي بينچ شاهه محمود قريشي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي کيس فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي ڇڏي ڏيو مستقبل ۾ ائين نه ٿيڻ گهرجي هر شيءَ مذاق نه هوندي آهي….پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو.جيل اختيارين موجب شاهه محمود قريشي کي عدالت جي حڪم تي آزاد ڪيو ويو. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته انصاف جو جهنڊو منهنجي هٿن ۾ آهي، آزمائش ۽ مشڪل وقت آهن. هن چيو ته سڀاڻي تحريڪ انصاف جي چيئرمين سان ملاقات ڪندس جنهن کانپوءِ ميڊيا سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندس. هن چيو ته ڊي سي راولپنڊي جي حڪم تي مون کي 3 ايم پي او تحت ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، جيل ۾ رهي امن لاءِ خطرو ڪيئن ٿي سگهي ٿو.










