ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا،پوليس موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن 2 ماڙ عمارت تي ٽئين ماڙ جي ڇت وڌي پئي وئي، ڇت ڪرڻ سبب ملبي ۾ دٻجي ويلن مان 5 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو،پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن موجب ٽن زخمين اسپتال ۾ دم ڏنو، جڳهه تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جو چوڻ آهي ته اسان جا ڪيترائي ساٿي پورهيت اڃا تائين ملبي ۾ دٻيل آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ مشنيري طلب ڪئي وئي آهي، فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي
