اسلام آباد (بيورو)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي به پاڪستان جونيئر ليگ (پي جي ايل) ۾ شامل ٿي ويو.شاهد آفريدي کي آڪٽوبر ۾ شروع ٿيندڙ انڊر 19 جونيئر ليگ ۾ ٽيم جو مينٽر مقرر ڪيو ويو آهي.پاڪستان جونيئر ليگ جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شاهد آفريدي جو هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بوم بوم آفريدي جي نالي سان مشهور اڳوڻي ڪپتان چيو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا جا انڊر 19 رانديگر پاڪستان جونيئر ليگ جو حصو هوندا.هن اهو به چيو ته هن ليگ ۾ کيڏندڙ رانديگر اسان جا مستقبل جا سپر اسٽار هوندا.شاهد آفريدي چيو ته مان به هن ليگ جو حصو ٿيندس ۽ آڪٽوبر ۾ توهان سان ملاقات ڪندس.










