شادي شدهه عورت زهريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي

ٽنڊومحمدخان (لال بخش سٺيو) پٻڻ ٿاڻي جي حد سخي آباد لڳ 30 ورهين جي  شادي شدهه  نوجوان ناري  امينا زال حاجي ڇٽو ملاح  زھريلي دوا پي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي  ڇڏيو. پٻڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او پٻڻ محمد انور خانزادو  ٻڌايو ته ابتدائي رپوٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فوتي عورت پنهنجي ڀاءُ سان جهيڙو ڪرڻ بعد ڪاوڙ ۾ اچي زهريلي دوا پي ڇڏي جنهن کي پهرين شيخ ڀرڪيو بعد حيدرآباد نيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي وئي .ايس ايڇ او وڌيڪ ٻڌايو ته فوتي عورت جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي جنهن جي رپورٽ اچڻ بعد ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو