جسم فروشي۽عضوا وڪڻڻ جا وڌيڪ چيني ملزم گرفتار

راولپنڊي/ لاهور(م ڊ) پاڪستاني ڇوڪرين کي دلاسا ۽ ڏٽا ڏئي شادي ڪندڙ چيني نوجوانن جو هڪ گروهه ايف آءِ اي گرفتار ڪري ورتو آهي. اربع ڏينهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ڇاپن دوران ٽي پاڪستاني ڇوڪريون بازياب، گرفتار چيني شهرين جو انگ 17 ٿي ويو. چيني شهرين وٽان هٿيار به برآمد. 90 پاڪستاني ڇوڪريون جن ۾ اڪثريت عيسائين جي آهي چين سمگل ٿي چڪيون آهن. هي معاملو سينيٽ ڪميٽي ۾ رحمان ملڪ پاران اٿارڻ بعد اڀريو. اڳ ۾ فيصل آبد ۽ لاهور ۾ ڇاپا هنيا ويا هئا. ٽي ڏينهن اڳ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي جميل ميو صحافين کي ٻڌايو ته لاهور ايئرپورٽ سوڌو مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي 10 چيني شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.  ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار پاڪستاني ايجنٽس سان گڏجي پاڪستاني ڇوڪرين سان شادي ڪندا هئا، چيني شهرين تي پاڪستاني ڇوڪرين سان شادي بعد جسم فروشي ڪرائڻ جو الزام آهي. هُن چيو ته گرفتار گروهه ۾ هڪ چيني عورت به شامل آهي. عملدار جو چوڻ آهي ته هي انساني سمگلنگ جو ڪيس آهي ۽ ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي هدايت تي غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ وڌيڪ گرفتاريون ممڪن آهن. ٻئي ڏينهن تي راولپنڊي مان 7 ڄڻا جن ۾ ٽي شهري، ٻن عورتن سميت چار پاڪستاني هن سلسلي ۾ گرفتار ٿيا آهن. گرفتار چيني شهرين جو انگ 11 ۽ پاڪستانين جو تعداد 8 کان وڌيڪ آهي. اسلام آباد ۾ چين جي سفارتخاني چيو آهي ته هو پاڪستان حڪومت سان گڏجي ان معاملي کي ڏسي رهيا آهن ۽ هڪٻئي سان مڪمل تعاون ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته تازو هڪ ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جيڪا چين مان هڪ پاڪستاني ڇوڪري رڪارڊ ڪري موڪلي هئي. ويڊيو ۾ هوءَ روئي رهي هئي ۽ خدا جا واسطا ڏئي واپس وطن آڻڻ لاءِ منٿون ڪندي چوي پئي ته پاڪستاني ڇوڪريون چينين سان شادي ڪري هرگز چين نه وڃن ڇو ته هو کانئن جسم فروشي ڪرائن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو