شاخ مان مٽي اڏامڻ لڳي، زمينون بنجر، آبادگار پريشان

شھدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) سيف الله مگسي  ڪينال مان نڪرندڙ ڍوري شاخ جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ خادم حسين جاگيراڻي، محمد ابراھيم کوسو ۽ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته آبپاشي عملدارن جي نااهلي سبب ڍوري شاخ ۾ مٽي اڏامي رھي آھي، پاڻي جي کوٽ سبب انسان توڙي جانور اڃ وگھي مري رھيا آھن. جڏھن ته عملدار سنڌ جي حصي جو پاڻي بلوچستان جي آبادگارن کي غير قانوني طور وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ پاڻي جي کوٽ سبب  ھزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي وئي آهي. ھنن اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته ڍوري شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي وڌيڪ  نقصان کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو