شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

ٽنڊو غلام حيدر ( رپورٽ ميرحسن رند) ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ ڊوڪيا واھ سميت سمورن شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جي هٿرادو بدترين کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪمند، ڦٽي ۽ ساريالا ٻيجارا پڻ سڙي ويا آبادگارن جو معاشي قتل اهم ڌرين پاڻي جي مسئلي طرف ڌيان ئي نه ڏنو، هڪ طرف پاڻي جي کوٽ ته ٻئي پاسي ڊوڪيا واھ تي مقرر داروغو پاران پئسن عيوض منڍ جي آبادگارن کي غيرقانوني پاڻي وڪرو ڪري ڇڏيو جنهن سبب پوڇڙ تائين پاڻي پهچڻ محال بڻجي ويو ،ان سلسلي ۾ آبادگارن ايوب لاشاري، محمد سليم، فيض محمد لاشاري ۽ ٻين ڊوڪياواھ مک بس اسٽاپ تي ايريگيشن خلاف پرامن احتجاج ڪندي چيو ته ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ ڍوڪيا واھ سميت سمورن شاخن جو پاڻي گذريل 9 مهينن کان بند ڪري زندگيون متاثر ڪيون ويون آهن، هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ ڪري علائقن ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ماڻهو مال اڃ وگهي تڙپي رهيا آهن،پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب سوين آبادگار اڃان تائين سارين جي پوکي به وقت سر ڪري ناهين سگهيا ،هنن آبپاشي عملدارن کان مطالبو ڪندي چيو ته پاڻي فراهم ڪري وڌيڪ تباه ۽ تنگدستي کان بچائي سُست ۽ لاپرواه آبپاشي عملدارن خلاف قدم کڻي آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو