سڱاوتي تڪرار تان مامي هٿان ڀاڻيجو زخمي، اسپتال داخل

نارو(محمد نواز ناريجو) سوراه ٿاڻي جي حد چونڊڪو ڀرسان ڳوٺ گانگهرڪو ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جوابدارسائينڏتو شنباڻي پنهنجي سڳي ڀاڻيجي اياز علي شنباڻي کي پسٽل جا سڌا فائر ڪري گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. فائرنگ جي آواز ۽ زخمي جي دانهن تي ڳوٺاڻن جوابدار کي پسٽل سميت پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي نوجوان کي چونڊڪو اسپتال کڻائي آئي. ان سلسلي ۾ زخمي نوجوان صحافين کي ٻڌايو ته پراڻي سڱاوتي تڪرار تان سڳي مامي سائينڏتو شنباڻي پسٽل جون گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو