بمبار جي اطلاع تي سڪرنڊ ۾ آپريشن،4 ڳوٺاڻا مارجي ويا،5 زخمي،ڌرڻو

سڪرنڊ (ن س) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ آپگهاتي بمبار جي موجودگي واري اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي ڪئي ۽ گهر گهر تلاشي ورتي ته ڳوٺاڻن حملو ڪري ڏنو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ اڪن جلباڻي، نياز جلباڻي سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته عورتن سميت 5 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن روپوش جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڪارروائي ڪئي، گهر گهر تلاشي دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪئي وئي ، فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن ۾ الهه داد، امام الدين، سارنگ، علي نواز ۽ سجاول جلباڻي شامل آهن. هوڏانهن 4 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي خلاف ڳوٺاڻن قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٻنهي طرفن کان روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ايس ايس پي نوابشاهه موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڏوهاري جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي، ڳوٺاڻن پوليس ۽ رينجرز تي حملي ۾ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس ۽ رينجرز جي جوابي فائرنگ ۾ 4 جوابدار مارجي ويا. نگران گهرو وزير حارث نواز جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار جي موجودگيءَ جي اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ ڪارروائي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو