سکر پوليس جي 3 ڪلارڪن ۽ 71 هيڊ ڪانسٽيبلز جي ترقي

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ڊي آءِ جي اقبال دارا  جي سربراهي ۾   اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون، ايس ايس پي گهوٽڪي ڊاڪٽر فرخ لنجار، ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل ۽ سيڪريٽري پروموشن بورڊ  پي ڊي  ايس  پي فدا حسين سولنگي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي  سينارٽي ۽  بهتر رڪارڊ جي بنياد تي 71 هيڊ ڪانسٽيبلن کي اي ايس آءِ جي عهدي تي ترقي جي منظور ڏني وئي. جن ۾ مهر علي، عابد حسين، مولابخش بوزدار، غلام نبي جتوئي ۽ علي گوهر ميراڻي ۽ ٻيا شامل آهن.  ڊي آءِ  طرفان ٽن جونيئر ڪلرڪن کي سينئر ڪلرڪن جي عهدن تي ترقي ڏني  وئي آهي تن ۾ امداد علي، نويد منگي ۽ هادي بخش ميمڻ شامل آهن. ان موقعي تي ڊي آءِ جي سمورن  اهلڪارن کي مبارڪباد پيش ڪندي  کين  وڌيڪ محنت سان کاتي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو