سکر مان ڌاڙيل جي گرفتاري، غوثپور ۾ مقابلي ۾ هاف فراءِ

سکر مان ڌاڙيل جي گرفتاري، غوثپور ۾ مقابلي ۾ هاف فراءِ

سکر(جيرام داس ) پوليس شاهه ٻيلي ۾ آپريشن دوران بدنام ڌاڙيل منير مصراڻي جي ويجهي ساٿي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته شاهه ٻيلي ۾ آپريشن دوران ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد بدنام ڌاڙيل منير مصراڻي جي ويجهي ساٿي هارون مصراڻي جتوئي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي موجب گرفتار ڏوهاري هارون اغوا ۽ قتل سميت 40 سنگين ڪيسن ۾ سکر، گهوٽڪي ۽ شڪارپور پوليس کي گهربل آهي، جنهن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا آهن.پوليس موجب ڪچي ۾ آپريشن دوران مغوي محمد الياس زنگيجو کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

جنهن کي ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ڪيو ويو هو. بازياب ٿيل پورهيت پنوعاقل جي ڳوٺ اسماعيل زنگيجو جو رهواسي آهي. ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ هو ته شاهه ٻيلي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن هلندڙ آهي. *** هوڏانهن غوثپور مان عبدالنبي ملڪ موجب پوليس ڏوھارين سان بي ايس فيڊروٽ مبينامقابلو ڄاڻائي خادم حسين ماڇي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پوليس موجب مقابلي ۾ 4ڄڻا انڌيري جوفائدو وٺي فرارٿي ويا. زخمي خادم حسين ميڊيا کي ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ بڊاڻي پوليس مونکي  گرفتار ڪري ڪشمور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو.

ڪشمور پوليس 4 لک رپيا رشوت طلب ڪئي نه ڏيڻ تان غوثپور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جن ڪوڙو مقابلو ڏيکاري مونکي هاف فراءِ ڪيو آهي. هن چيو ته منهنجي مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل نه آهي. هن ايس ايس پي ڪشمور ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پوليس خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو