سچ آهي ته سياست کي داءَ تي لڳائي رياست بچائي: شاهه

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته اهو سچ آهي ته سياست کي داغ تي لڳائي رياست کي بچايو ويو.ناصر شاهه چيو آهي ته پرڏيهي وزير جي حيثيت سان بلاول ڀٽو جي ڪارڪردگي تمام سٺي هئي، اسان ان وقت ڪابينا ۾ ڪيترن ئي شين جي نشاندهي ڪندا هئاسين.هن وڌيڪ چيو ته سڀ کان اهم شيءِ پاڪستان آهي، پاڪستان اسان سڀني جو آهي.ناصر حسين شاهه چيو ته بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري ڪوئيٽا پهچي رهيا آهن، گهڻيون ملاقاتون ٿينديون.ناصر شاهه غيرقانوني پرڏيهين بابت چيو ته جيڪي غير قانوني پرڏيهي آهن انهن کي واپس وڃڻ گهرجي، غيرقانوني ماڻهو واپس وڃن پر انساني حقن جو به خيال رکيو وڃي.ناصر حسين شاهه چيو ته غير قانوني پرڏيهين جو پاڪستان ۾ رهڻ جو ڪو به جواز ناهي، اسان جي گرين پاسپورٽ جو غلط استعمال ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو