سچل ڳوٺ اسڪولن ۾ پناهه ورتل جون دانهون ، سامان نه پهتو،احتجاج

سچل ڳوٺ اسڪولن ۾ پناهه ورتل جون دانهون ، سامان نه پهتو،احتجاج

ڪراچي(ن سنڌيار)ڪراچي سچل ڳوٺ اسڪولن ۾ پناهه ورتل برساتي ٻوڏ متاثرن طرفان امدادي سامان ڪاڌ خوراڪ نه ملڻ جون دانهون اسڪولن ۾ بجلي جي سهولت نه هئڻ سبڀ متاثر رات جو اونداهي ۾ رهڻ تي مجبور بسترا. مڇردانيون .ٽينٽ ۽ ٻيون سامان به اڃا متاثرن تائين نه پهتو .سرڪاري واهر نه ٿيڻ تي متاثرن جو احتجاج ضلعي انتظاميه ۽ سرڪار کي سهولتون ڏيڻ جي اپيل ڪئمپن جي دوري تي آيل عورت جي فلاح بهود ۽ سماجي ڀلائي واري کاتي جي وزير شهلا رضا آڏو به متاثرن جون سهولتن جي کوٽ خلاف دانهون کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪرڻ جي گهر . رپورٽ موجب : ڪراچي جي سچل ڳوٺ جي اسڪولن ۾ پناهه ورتل برساتي ٻوڏ متاثر ماروئڙن جي اڃا تائين سرڪار توڙي ضلعي انتظاميه واهر ناهي ڪئي جنهن سبب مختلف اسڪولن اندر ترسيل هزارين متاثر ماڻهو کاڌ خوراڪ پيئڻ جي پاڻي سميت ٻين گهربل سهولتن کان محروم بڻيل آهن جڏهن ته اسڪولن اندر بجلي جي سهولت نه هئڻ ڪري متاثر رات جو اونداهي سميت مڇرن جي عذاب سبب سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن . سچل ڳوٺ اسڪولن جي ترسيل متاثرن لاء ڊي سي اوڀر راجا طارق علي چانڊيو طرفان کاڌ خوراڪ ٽينٽ مڇردانيون ۽ ٻيون سامان فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو جنهن تي اڃا تائين عمل ناهي ٿي سگهيو. ان حوالي سان ڊي سي اوڀر راجا طارق چانڊيو رابطو ڪرڻ تي چيو ته مختيار ڪار جي نگراني ۾ متاثرن کي ڪئمپن اندر کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي باقي ٽينٽ مڇردانيون به متاثرن تائين پهچايون وينديون. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو ضلعي انتظاميه کي پنهنجي اثر هيٺ ڪم ڪرائي پاڻ کي مقبوليت ڏيڻ ڇاهين پيا ضلعي انتظاميه جي انڪار تي اهي ماڻهن کي ضلعي انتظاميه خلاف ڀڙڪائي رهيا آهن پر اسين ڪنهن به پريشر ۾ نه اچي متاثرن جي سهائتا لاء ڪم ڪري رهيا آهيون ڪوشش آهي ته متاثرن جي ڀرپور امداد ٿي سگهي هن چيو ته جيڪي ڌريون متاثرن جي سهائتا لاء ڪم ڪن پيون انهن کي جس آهي. هوڏانهن عورتن فلاح بهبود ۽ سماجي ڀلائي کاتي جی صوبائي وزير شهلا رضا ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي ضلع اوڀر رحمت الله شيخ سان گڏ سچل ڳوٺ اسڪولن ۾ برساتي ٻوڏ متاثر ڪئمپن جو دورو ڪيو جنهن دوران متاثرن کيس کاڌ خوراڪ جي کوٽ پاڻي بجلي جي سهولت بسترن سميت ٻيون سهولتون نه هئڻ جون شڪايتون ڪيون ان موقعي تي شهلا رضا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برسات لاڳيتن برساتن سبب ٿيل تباهه ڪارين کي منهن ڏيڻ لاء سرڪار طرفان ڪوششون هلندڙ آهن باقي قدرتي آفتن کي روڪڻ ڪنهن جي به وس ۾ ناهي هوندو.جڏهن ته تباهه ڪارين جي اثرن کي گهٽائڻ لاء سرڪار وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري طرفان متاثر ماڻهن کي اسين گهر جهڙي سهولت نٿا ڏئي سگهون باقي سندن کاڌ خوراڪ صحت پيئڻ جي پاڻي بجلي فراهمي لاء اپاء ورتا ويندا. ان حوالي سان ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي اوڀر کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته اهي مسئلا فوري حل ڪيا وڃن اهڙي سنگين صورتحال ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي جڏهن ته شهلا رضا ڪئمپ تي بيمار هڪ معصوم ٻارڙي جي فوري علاج ڪرائڻ ڪئمپ اندر ميڊيڪل سهولتن کي وڌائڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو