ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي ميهڙ ضلع دادو ۾ معصوم مُرڪ ڪلهوڙو ۽ وارھ واسڻ نازيہ چنا کي جوابدارن جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته انسان نما وحشي ڏوھارين کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ انجام تائين پهچايو وڃي. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اڄ سچل شاه لطيف ۽ قلندر لعل شهباز جي نگري نياڻين ۽ معصوم ٻارڙن لاءِ مقتل گاهه بڻجي وئي آهي، هڪ طرف ڌاڙيل معصوم ٻارڙن کي ڀُنگ لاءِ اغوا ڪري زنجيرن ۾ جڪڙي تشدد واريون وڊيوز جاري ڪن پيا ته ٻي طرف انسانيت جي ويس ۾ لڪل وحشي بگهڙ هر روز ڪنهن نياڻي کي پنهنجي حَوس جو شڪار بنائي رهيا آهن، پر بي حس حڪمران ۽ طاقتور ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. معصوم فاطمه ڦُرڙو جو خون اڃان خشڪ نه ٿيو ته مٿان وري مهيڙ توڙي وارھ ۾ وحشي درندن پاران مُرڪ ڪلهوڙو ۽ نازيہ چنا سان زيادتي جو واقعو سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت مٿان وار آهي. اڄ جڏهن معصوم نياڻين سان ظلم ، زيادتي ۽ ڏاڍائي سر عام بغير ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي روا رکي پئي وڃي ، جڏهن انهن معصوم نياڻين جي اڌ اُگهاڙي بدن تي وحشي درندن جي چڪن جا گهاءُ انسانيت جي مُنهن تي چماٽن وانگي ظاهر ظهور نظر پيا اچن، پر سنڌ مٿان لاڳيتو حڪمراني ڪندڙ پارٽي سان تعلق رکندڙ قيادت مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آهي، سنڌ جي عوام کي پنهنجي ايندڙ نسلن جي تحفظ، ترقي ۽ ننگن توڙي دنگن جي حفاظت لاءِ هاڻي ميرن، پيرن، ڀوتارن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کان جند ڇڏائڻ لاءِ جماعت اسلامي جي بي داغ قيادت جو ساٿ ڏيڻو پوندو ته جئين اهڙن وحشت وارن واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي..
