سڀاڻي پنجاب اسمبلي نٿي ٽٽي سگهي، معاملو جنوري تائين ويندو: اسپيڪر

سڀاڻي پنجاب اسمبلي نٿي ٽٽي سگهي، معاملو جنوري تائين ويندو: اسپيڪر

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسمبلي جي اسپيڪر سبطين خان جو چوڻ آهي ته سڀاڻي پنجاب اسمبلي ٽٽي ئي نٿي سگهي، بي اعتمادي رٿ پيش ٿي چڪي آهي، اڃا ان جا نوٽسز جاري ٿيندا، اهو معاملو جنوري جي پهرين هفتي تائين ويندو. ميڊيا رپورٽس موجب پنجاب اسمبلي جي اسپيڪر سبطين خان جو چوڻ آهي ته هن جيڪو حلف ورتو آهي ان جي قائم آهيان، وڏي وزير کي بچائڻ سندس ڪم ناهي، حڪومت ڄاڻي ۽ سندس ڪم ڄاڻي، هو ان ايوان جو ڪسٽوڊين آهي، هر ڪو پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪري، گورنر غيرقانوني آرڊر پاس نه ڪري، گورنر آئيني اداري جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ته اسپيڪر به آئيني اداري جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.پنجاب اسمبلي جي اسپيڪر موجب گورنر خط لکي بي اعتمادي رٿ ۽ اعتمادي رٿ بابت لکيو آهي، پر پرويزالاهي تي الزامن جو تعلق گورنر سان ناهي، ڪنهن کي وزارت ڏيڻ يا نه ڏيڻ گورنر جو مسئلو ناهي، گورنر جاري اسمبلي سيشن ۾ نئون سيشن نٿو گهرائي سگهي، گورنر جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.سبطين خان جو چوڻ آهي ته صدر کي خط لکڻ وارو معاملو اڃا روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن اهو وقت آيو ته موڪلي ڇڏبو، بي اعتمادي رٿ اچي چڪي آهي، ان جي پروسيس ۾ وقت لڳندو، ان تي اڃا نوٽيس ٿيڻو آهي، بي اعتمادي رٿ پرووٽنگ کانپوءِ اسمبلي ٽٽندي، ٻارن واري ڳالهه نه ڪن ۽ قانون کان هٽي ڪو ڪم نه ٿيندو، قانوني طور تي پنهنجي خلاف بي اعتمادي چيئر نٿو ڪري سگهان.سندن چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا اسمبليون ٽوڙيون، اسان عوام وٽ وڃڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته گورنر چاهي ٿو اسان عوام وٽ نه وڃون ان لاءِ رڪاوٽون ٿو وجهي، اسان ڏکيائين کي منهن ڏئي عوام ۾ وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو