سپيڪو جي غفلت سبب 2 ٻارڙا بجلي جي ڪرنٽ ۾ سڙي فوت

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ خيرجان بروھي ۾ سيپڪو جي غفلت سبب 11 هزار بجلي ٽرانسميشن ھيٺ راند کيڏندڙ 2 ٻارڙا 13 سالن جو حاجو ۽ 12 سالن جو احمد علي ملڪ ڪرنٽ لڳڻ ڪري موقعي تي سڙي فوت ٿي ويا. افسوسناڪ واقعو پيش اچڻ ڪري پوروعلائقو سوڳوار بڻجي ويو. واقعي بعد وارثن ۽ ڳوٺاڻن سيپڪو اختيارين خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته سيپڪو وارن کي ڪيترائي ڀيرا تارون هٽائڻ لاءِ چيو پر هنن ڪو به قدم نه کنيو جنهن ڪري هي واقعو پيش آيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي ذميواري سپيڪو انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪري وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو