اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 54 ارب رپين جي قرض معافي وارو نوٽيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 7 جون تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.بينچ ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل به شامل آهن.سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ان حوالي سان ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.سپريم ڪورٽ 2007ع ۾ بئنڪن جا قرض معاف ڪرائيندڙ 222 ماڻهن خلاف پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.










