سپريم ڪورٽ مان نواز شريف جي عبوري ضمانت منظور، آزاد ٿي گهر پڄي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سابق وزيراعظم ميان محمد نوازشريف جي طبي بنياد تي 6 هفتن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسو جي سربراهي ۾ قائم بينچ مختصر حڪم ۾ کيس هدايت ڪئي آهي ته پنجاهه لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرايو ۽ ڇهن هفتن اندر پاڪستان ۾ پسند جو علاج ڪرايو ۽ ڇهن هفتن بعد واپس جيل وڃڻ لاءِ پيش پئو. عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف مقرره مدت بعد رضاڪارانه طور جيل ۾ پيش نه ٿيندو ته کيس گرفتار ڪري پيش ڪيو ويندو. عدالت چيو آهي ته ڇهن هفتن بعد ضرورت پوڻ تي ضمانت ۾ واڌ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهي ٿو. عدالت مختصر هڪم ۾ اهو ناهي ڄاڻايو ته ڪهڙي قانون هيٺ اهو حڪم جاري ڪيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اعليٰ قيادت ان معاملي تي غور ڪري فيصلو ڪندي ته عبوري ضمانت وٺجي يا اهڙي ضمانت کان جيل ۾ ئي رهن کي ترجيح ڏجي.

پهنجو تبصرو موڪليو