سپريم ڪورٽ مان 100 سيڪڙو انصاف جي اميد آهي: صديقي

سپريم ڪورٽ مان 100 سيڪڙو انصاف جي اميد آهي: صديقي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي برطرف جج شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ مان 100 سيڪڙو انصاف جي اميد آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شوڪت عزيز صديقي کان پڇاڻو ڪيو ويو ته اڄ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. توهان ڇا الزام لڳايو، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ چوي ته شيون سامهون اچڻ گهرجن، ڇا ثبوت آهن؟ جواب ۾ هن چيو ته ثبوت اڳي ئي ڏنا ويا آهن، الزامن کي رد نه ڪرڻ پاڻ ۾ وڏو ثبوت آهي.هن کان پڇيو ويو ته مستقبل ۾ عدليه کي ٻاهرين دٻاءُ کان آزاد ڪرڻ لاءِ ڇا ڪري سگهجي ٿو؟شوڪت عزيز صديقي چيو ته ائين ٿي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ انڪوائري ڪميشن ٺاهي ۽ جاچ جي هدايت ڏئي.هن کان پڇيو ويو ته ڇا ان دوران توهان تي ڪو دٻاءُ هو؟شوڪت عزيز صديقي جواب ڏنو ته گذريل 5 سالن ۾ مون ۽ منهنجي خاندان تمام ڏکيا حالات ڏٺا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو