سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ زمين الاٽ ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ سرڪاري زمينن جي مشروط الاٽمينٽ جي اجازت ڏيندي چيو آهي ته جن علائقن ۾ زمينن جا کاتا ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي ويا آهن، اُنهن علائقن ۾ روينو ۽ ٻيا واسطيدار ادار قانون موجب مفاد عامه ۾ زمين الاٽ ڪري سگهن ٿا. سپريم ڪورٽ سرڪاري زمينن جي الاٽمينٽ بابت 2012 ۾ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو ۽ سرڪاري زمينن جي الاٽمينٽ تي پابندي لڳائي هئي. عدالت ان وقت سموري سنڌ ۾ زمينن جا کاتا ۽ رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جو حڪم به ڏنو هو. اربع تي سُپريم ڪورٽ جي بينچ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سماعت دوران سموريون درخواستون اڪلائي ڇڏيو. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ بورڊ آف روينيو کي حڪم ڏنو آهي ته زمين الاٽ ڪرڻ بابت التويٰ ۾ پيل درخواستن تي قانون موجب غور ڪيو وڃي ۽ فيصلو ڪيو وڃي. اي جي سنڌ ٻڌڻي دوران چيو ته عوامي مفاد ۾ قبرستان ۽ پاور پلانٽ سوڌو ٻين عوامي مفادن ۾ ڪيتريون ئي درخواستون آيل آهن. جنهن تي جسٽس گلزار چيو ته اهو اختيار واڳيل اختيارين کي ڏيون ٿا ته اُهي قانون کي نظر ۾ رکي زمينون الاٽ ڪن. اي جي سنڌ چيو ته جيڪڏهن حڪمنامو جاري نه ٿيو ته لينڊ يوٽيلائيزيشن جو ڪوبه ملازم ڪم نه ڪندو. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي حڪم جاري ڪيو آهي ان تي عمل ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ به حڪومت جي ذميواري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو