سپريم ڪورٽ خورشيد شاهه جي ٻنهي گهروارين کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سپريم ڪورٽ خورشيد شاهه جي ضمانت واري ڪيس ۾ ٻنهي گهروارين کي طلب ڪري ورتو، خورشيد شاهه جي پٽ فرخ شاهه کي پڻ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته سندس ڀائيٽي سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه ۽ سمورن جوابدارن کي پيش ٿيڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو، عدالت چيو ته جن جوابدارن کي ضمانت رد ٿيڻ جا نوٽيس ڏنا ويا سي سمورا سڀاڻي پيش ٿين. سپريم ڪورٽ خورشيد شاهه ضمانت ڪيس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو