سپريم ڪورٽ جو فيصلو قوم جي ترجماني آھي: جماعت اسلامي

سپريم ڪورٽ جو فيصلو قوم جي ترجماني آھي: جماعت اسلامي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻوايم اين اي محمد حسين محنتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي ان کي قوم جي ترجماني قرار ڏنو آھي ۽ گهر ڪئي آھي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کي صاف وشفاف ۽ اڻ ڌريو يقيني بڻائي اليڪشن ڪميشن پنھنجي ذميواري پوري ڪري جماعت اسلامي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي عوام حرام خور ۽ نااھل ٽولي بدران قابل ۽ ديانتدار اميدوارن کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪري ته جيئن سنڌ ترقي ۽ عوام جا ڏک درد به ختم ٿي وڃن.اھڙن خيالن جو اظھارھن سولنگي ھائوس قاسم آباد ۾ اجلاس کي خطاب دوران ڪيو . ان موقعي تي عقيل احمد خان قومي اسمبلي جو نامزد اميدوار سردار زبير سولنگي مقامي امير محرم علي سولنگي پڻ موجود ھو.محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته عوام چونڊن ۾ کري ۽ کوٽن ۾ فرق ڪونه ڪيو ته وري پنج سال مھانگائي بيروزگاري سميت مسئلن لاءِ روئڻو پوندو انڪري عام چونڊن جو ڏھاڙو عوام جي لاءِ امتحان جو ڏينھن آھي.اهي سوچي سمجهي پنهنجي ضميرموجب ووٽ جوحق استعمال ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو