اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر گوهر چيو ته ڪروڙين عوام ۽ جمهوري قوتن لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي 11 ججن پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏنو، آئين ۾ پنهنجي مرضي جي ترميم جو رستو روڪيو ويو، اسان چاهيون ٿا ته آئين ۽ قانون موجب اڳتي وڌون، جنهن جو حق آهي ان کي ملڻ گهرجي،فيصلي تي شبلي فراز چيو ته عدالتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، فيصلي سان انصاف جو علم بلند ٿيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جو وڏو ڏينهن آهي،طاقتور ۽ جابر اسان جا حق کسي وٺڻ چاھين ٿا ۽ سيٽون ٻين ۾ ورهائي، انھن کي مال غنيمت سمجھي، اڄوڪي فيصلي سان آئين کي ڪمزور ڪرڻ جو سلسلو بند ٿي ويو آهي.










