سپريم ڪورٽ بحريه ٽائون جي ڪراچي ۾ قبضي ڪيل زمين بدلي 7 سالن ۾ 460 ارب ادا ڪرڻ جي آڇ قبولي ورتي، نيب کي ريفرنس کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بحريه ٽائون جي ڪراچي منصوبي لاءِ 460 ارب رپين جي آڇ قبوليندي نيب کي هدايت ڪئي آهي ته بحريه ٽائون  خلاف ريفرنس داخل نه ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد تي ٻڌل 3 رڪني بينچ بحريه ٽائون عملدرآمد ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌائي ڇڏيو. بحريه ٽائون ڪراچي ۾ سند قبضي هيٺ ۾مين جي عيوض 450 ارب ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي جنهن کي اپريم ڪورٽ وڌائي  460 ارب ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي حڪم موجب بحريه ٽائون انتظاميه 7 سالن اندر 460 ارب رپيا ادا ڪندي. سپريم ڪورٽ چيو ته بحريه ٽائون هلندڙ سال آگسٽ تائين 25 ارب رپيا ڏيڻ جو پابند آهي. جڏهن ته سيپٽمبر کان هر مهيني سوا ٻه ارب روپيا ماهوار ٽن سالن تائين جمع ڪرائيندو. ڪنهن به وقت ٻه قسطون ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڊيفالٽر سمجهو ويندو ۽ ان صورت ۾ سندس رقم ضبط ڪري نيب ريفرنس داخل ڪندو. سپريم ڪورٽ چيو ته جيڪڏهن بحريه ٽائون ٽن سالن بعد واجب رقم وقت تي هده نه ڪئي ته اها رقم 4 سيڪڙو وياج  سان گڏ وصول ڪئي ويندي. رقم عدالت ۾ جمع ٿيندي، پوءِ قانون موجب جنهن کي ڏيڻي هوندي ڏني ويندي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته رقم جي ادائيگي بابت بحريه ٽائون جو ڊائريڪٽر عدالت ۾ حلفيه بيان جمع ڪرائيندو. رقم جي مڪمل ادائگي بعد عدالت زمين جي ملڪيت بابت فيصلو ڪندي پر ان دوران بحريه جنهن کي به پلاٽ ڏيندي اهو 99 سال جي ليز تي ڏيندي. بحريه ٽائون پارڪ، عمارتون، سئنيما ۽ ٻئي ملڪيت ضمانت طور جمع ڪرائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو