سٽي اسٽيشن جي گودام مان آتشبازي جو سامان هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ريلوي پوليس سٽي اسٽيشن جي گودام مان غير قانوني آتشبازي جو سامان ۽ آتشبازي جو سامان هٿ ڪري ورتو.ريلوي اختيارين موجب پابندي مڙهيل شين ۾ آتشبازي ۽ اسٽرنگ فائر ڪريڪر شامل آهن، آتشبازي لاهور کان ڪراچي موڪلي وئي هئي.ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪارگو مان آتش گير مادو هٿ ڪندڙ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ريلوي اختيارين موجب جوابدارن خلاف ريلوي پوليس ڪراچي سٽي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو