سي سي آءِ، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي خاطري،اهم فيصلا موخر

اسلام آباد (اياز مهر) گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان چئني صوبن کي وسيلن جي ورڇ جي منصفاڻي ورهاست جي خاطري ڪرائي آهي. ان ڏس ۾ هن ناڻي، پاڻي ۽ ٻين واسطيدار وزارتن کي هدايت ڪئي ته صوبن جا خدشا دور ڪيا وڃن. آئين موجب ڪائونسل جو اجلاس هر ٽن مهين ۾ ٿيڻ لازمي آهي پر هڪ سال کانپوءِ اجلاس منعقد ڪيو ويو. 16 نڪاتي ايجنڊا تي اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽرين، وفاقي وزير ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. گڏيل مفادن جي ڪائونسل 18 ڊسمبر تي صدر عارف علوي وزيراعظم عمران خان جي سفارش تي ٻيهر تشڪيل ڏني هئي. جنهن جي صدارت وزيراعظم ڪندو ووٽنگ جو حق چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ ٽن وفاقي وزيرن عمر ايوب خان، فهميدا مرزا ۽ اسد عمر کي آهي. ذريعن موجب ايجنڊا موجب آدمشماري جو نوٽيفڪيشن موخر ڪيو ويو.

Prime Minister Imran Khan in a group photo with Chief Minister Khyber Pakhtunkhwa Mehmood Khan, Chief Minister Punjab Sardar Usman Buzdar, Chief Minister Balochistan Jam Kamal Khan and Chief Minister Sindh Syed Murad Ali Shah before CCI meeting at Islamabad on 23rd December, 2019

گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي رپورٽ سال 2016 ۽ 2017 بابت منظور ڪيون ويون. ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير ناڻي واري وزارت پاران ٿڏي تي ڪٽوتي جو معاملو اٿاريو ۽ وفاق کان گهٽ فنڊز ملڻ جي شڪايت ڪئي. هن ڄامشورو کان سيوهڻ هاءِ وي ڊبل ڪرڻ لاءِ وفاق پاران واعدو ڪيل فنڊ جاري نه ڪرڻ جي به شڪايت ڪئي. هائيڊل بجلي جي منافعي جي ورڇ بابت خيبرپختونخواه جي حڪومت جا اعتراض دور ڪرڻ جي به وزيراعظم خاطري ڪرائي. سنڌ جي مخالفت سبب چشما جهلم لنڪ ڪينال تي بجلي گهر جي منصوبي جي اين او سي جاري ڪرڻ جو معاملو به موخر ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڻي چوري جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ٽيليميٽري سيسٽم کي موثر بڻائڻو پوندو. فوٽو سيشن بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم سان ون ٽو ون ملاقات ڪئي. جنهن ۾ شڪايت ڪئي ته اوهان سنڌ اچو ٿا ته ملو ئي نٿا. وزيراعظم کيس چيو ته 27 ڊسمبر تي اچان پيو ملنداسين. مراد شاهه مسڪرائي ماٺ ڪئي ته 27 ڊسمبر تي راولپنڊي ۾ بي بي شهيد جي ورسي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو