اسلام آباد (اياز مهر) چيف اليڪشن ڪمشنر يعني “سي سي سي” جسٽس (ر) رضا محمد خان جمعي ڏينهن رٽائر ڪري ويو. سندس جاءِ تي پنجاب جي سينئر ميمبر الطاف ابراهيم قريشي وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر طور حلف کڻي ورتو آهي. نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اتفاق ناهي ٿي سگهيو ۽ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي معاملي کي اينگهائڻ جو الزام هنيو آهي. اپوزيشن ليڊرکانپوءِ وزيراعظم عمران خان پڻ نئين چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ 3 نالا پيش ڪيا آهن. جن ۾ بابر يعقوب، عارف حميد ۽ فضل عباس شامل آهن. جڏهن ته شهباز شريف گڏيل اپوزيشن پاران ناصر محمود کوسه، جليل عباس جيلاني ۽ اخلاق احمد تارڙ جا نالا ڏنا هئا. آئين جي شق 213 موجب چيف اليڪشن ڪمشنر حڪومت ۽ اپوزيشن کي اتفاق راءِ سان مقرر ڪرڻو هوندو آهي. اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾پارليماني ڪميٽي جيڪا ٻنهي ڌرين جي برابر جي نمائندگي تي مشتم،ل هجي ان م معاملو بحث هيٺ آندو ويندو آهي. انساني حقن جي وزير شيرين مزاري جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي ۾ به حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو هو. جنهن بعد اپوزيشن جي 11 ميمبرن جي صحيح سان درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي هئي. هوڏانهن چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي ۽ اسپيڪر قومي اسمبلي اسد قيصر پاران به عدالت سان رابطو ڪري مهلت وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي جنهن ۾ هر صوبي مان هڪ هڪ ميمبر ۽ هڪ چيئرمين هوندو آهي سندن مدت ملازمت 6 سال هوندي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جا ميمبر رٽائر ٿي چڪا آهن. جن ج جاءِ تي اپوذيشن جي مشاورت کانسواءِ صدر عارف علوي هڪطرفي طور ميمبر نامزد ڪري سندن نوٽيفڪيشن جاري ڪيا هئا. جن کي قانوني تقاضا پوري نه ڪرڻ سبب چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا محمد خان حلف کڻائڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومتي نامزدگين بابت صدارتي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪري ڇڏيو هو. پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جا ميمبر به ايندڙ مهيني مدو مڪمل ٿيڻ تي رٽائر ٿي ويندا. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته 5 رڪني اليڪشن ڪميشن مان ٽن جو هجن لازم آهي نه ته هي آئيني ادارو غير فعال بڻجي ويندو. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن م ٻن ميمبرن جي مقرري بابت مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي محسن شاهنواز رانجها جي درخواست جي سماعت دوران حڪومت ۽ اپوزيشن کي 10 ڏينهن اندر معاملو طئي ڪرڻ جي مهلت ڏني آهي. چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ بينچ جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته پارليمان جا معاملا عدالت ۾ ڇو ٿا آڻيو. چيف جسٽس درخواست گذار کي مخاطب ٿيندي چيو ته نيلسن منڊيلا 27 سال جيل ڪٽڻ بعد به مخالفن کي معاف ڪري ڇڏيو هو. اوهان کي پارليامينٽ کي بالادست بنائڻو آهي ۽ سڀ معاملا پارليمان ۾ طئي ڪرڻ گهرجن. ان موقعي تي قومي اسمبلي جي سيڪريٽري عدالت کي مهلت لاءِ چيو ته عدالت 10 ڏينهن ۾ معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٻڌڻي 17 دسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










