سي اي او حيسڪو غير تسلي بخش ڪارڪردگي سبب فارغ

حيدر آباد(ن س)بجلي چوري خلاف غير اطمينان بخش ڪارڪردگي تي حيسڪو جي سي اي او کي عهدي تان هٽايو ويو.جي ايم ٽيڪنيڪل فيسڪو محمد بشير کي سي اي او حيسڪو جي چارج ڏني وئي آهي.حيسڪو بورڊ آف ڊائريڪٽرز محمد بشير کي اضافي چارج ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.بجلي چوري خلاف حيسڪو فيسڪو کان 4 آفيسرن جون خدمتون طلب ڪري ورتيون.حيسڪو جو سي اي او بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو