ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آھي تھ سي ايم ھائوس پبلڪ ڪمپلين سيل 24 ڪلاڪ عوام جي خدمت لاءِ حاضر آھي. اھا ڳالھھ ھن آچر ڏھاڙي سي ايم ھائوس پبلڪ ڪمپلين سيل پاران پيش ڪيل رپورٽ جي موقعي تي ڪئي. ھن وڌيڪ چيو تھ ڪنھن بھ سرڪاري دفتر ۾ عوام جو ڪم نھ ڪيو وڃي تھ لاڳاپيل آفيسر ۽ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. جسٽس (ر) مقبول باقر چيو تھ رشوت ھڪ لعنت آھي ۽ رشوت جي گھر ڪندڙ سرڪاري ملازمن خلاف پڻ ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي. نگران وڏي وزير کي سي ايم ھائوس پبلڪ ڪمپلين سيل پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو تھ ھن وقت تائين 747 شڪايتون درج ڪرايون ويون آھن جڏھن تھ 486 شڪايتن کي نڀيريو ويو آھي ۽ 261 شڪايتن کي حل ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن. نگران وڏي وزير جي ھدايت تي وزيراعليٰ ھائوس جو عوامي شڪايتي سيل 24 ڪلاڪ متحرڪ ڪيو ويو آھي، جتي ڪنھن بھ سرڪاري کاتي بابت ماڻھو سندن شڪايتون داخل ڪرائي سگھن ٿا. سي ايم ھائوس پبلڪ ڪمپلين سيل جي رابطي لاءِ نمبرز 080091915، 02199202080 ۽ 02199202081 آھن.
