سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان سان جي يو آئي اڳواڻ جي ملاقات

سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان سان جي يو آئي اڳواڻ جي ملاقات

ڪراچي (رپورٽر) سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان سان جي يو آئي اڳواڻ قاري محمد عثمان جي اڳواڻي ۾ آيل وفد جي ملاقات وزير اعلي سنڌ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جي هدايتن تحت واٽر بورڊ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي. سي او او واٽر بورڊ تفصيل موجب چيف آپريٽنگ آفيسر واٽر بورڊ انجينئر اسدالله خان سان جي.يو.آئي اڳواڻ قاري محمد عثمان جي اڳواڻي ۾ آيل وفد ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات ڪندي شير شاھ ڊسٽرڪٽ ڪياماڙي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورن مسئلن جي حل لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ان موقعي تي سي او او واٽر بورڊ پاران جي.يو.آئي اڳواڻ کي يقين ڏياريندي سمورين شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪندي پابند ڪيو تہ وفد پاران پيش ڪيل سمورين شڪايتن سميت شھر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارا سمورا مسئلا فوري طور تي حل ڪري شھرين کي وڌ کان وڌ سھولتون فراھم ڪيون وڃن، هن آفيسرن کي هدايت ڪئي تہ سي ايريا پمپ تي موٽر نمبر 2 جي فوري مرمت ڪئي وڃي ۽ انجو لوڊ وڌائڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سان ڳالهايو وڃي، ان کان علاوه غني چورنگي کان 24 انچ لائين کي پراچا چوڪ شير شاھ تائين آڻڻ لاءِ پي ڊي ميگا پروجيڪٽ سنڌ لوڪل گورنمينٽ کي آماده ڪرڻ لاءِ ڳالهايو وڃي ان کان علاوه پراچا پمپ واري گلي ۾ لڳل ڪنيڪشن ۽ پراچا پمپ سان گڏ بلديا پاسي ويندڙ لائن کي چيڪ ڪرڻ لاء گڏيل دورو ڪيو وڃي، اجلاس جي موقعي تي جي.يو.آئي اڳواڻ قاري محمد عثمان پاران سي اي او واٽر بورڊ انجينئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جي مقرري تي کين مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ٻنهي آفيسرن جي مقرري کي شهر لاءِ بھتر فيصلو قرار ڏيندي چيو تہ ٻنھي آفيسرن کي مقرر ڪرڻ سان شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارو نظام وڌيڪ بهتر ٿيندو ھن جو چوڻ هو تہ ٻنهي آفيسرن جون شهر لاءِ خدمتون ساراھ جوڳيون ۽ قابل تعريف آهن، ان موقعي تي جي.يو.آئي اڳواڻ قاري محمد عثمان شهر جي بهتري ۽ ترقي خصوصاً ملڪ جي خوشحالي لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري، اجلاس جي موقعي تي اسٽاف آفيسر ٽو سي او او واٽر بورڊ انجينئر موھن لال، سپرينٽنڊنٽ انجينئر غلام محمد حب، امير جمعيت علماء اسلام شير شاھ مولانا عظيم الله عثمان سميت واٽر بورڊ جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو