سيڪريٽري جو دورو، اسٽورڪيپر معطل،3 ڏينهن ۾ جواب طلب

نوشهروفيروز(رپورٽ مشتاق حسين مري) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران نوشهروفيروز سول اسپتال ۾ بيقاعدگين ۽ بدعنوانين جو نوٽس وٺڻ بعد صحت کاتي جو صوبائي سيڪريٽري سعيد احمد اعواڻ اوچتو سول اسپتال نوشهروفيروز پهچي ويو، جتي هن آءِ سي يو، ايمرجنسي وارڊ ۽ ٻين شعبن سان گڏوگڏ دوائن جي اسٽور جو پڻ معائنو ڪيو. جنهن دوران اسٽور ۾ موجود دوائون ته وڏي تعداد ۾ موجود هيون پر اُتي مڪمل طور اونداهه ۽ بجلي بند هئي ۽ دوائن کي ٿڌو رکڻ لاءِ ڪو به جوڳو بندوبست ٿيل نه هو. جنهن تي هن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسٽور ڪيپر خلاف جلد ڪارروائي جو حڪم ڏيڻ سان گڏ اسپتال جي احاطي ۾ هلندڙ سمورا اسٽور بند ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. سيڪريٽري هيلٿ سعيد احمد اعواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نظر ۾ ڪا ته اهڙي شيءِ آئي هوندي جنهن جي ڪري نوٽيس وٺڻو پيو. هن چيو ته ايم ايس ۽ ڊي ايڇ او وارو تڪرار ختم ٿي ويو آهي، پيراميڊيڪل اسٽاف قاعدن ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪن، ٻي صورت ۾ سندن خلاف قدم کنيو ويندو. ڊاڪٽرن جي کوٽ بابت هن چيو ته 1783 نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن کي لکيو آهي ۽ ضلعي نوشهروفيروز جي ڊوميسائل هولڊرن کي سول اسپتال ڏانهن موڪليو ويندو. هن اسپتال ۾ صفائي، بدانتظامي تي ڪاوڙ جو پڻ اظهار ڪيو. سيڪريٽري صحت سنڌ ڪراچي پهچي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي سول اسپتال نوشھرو فيروز جي اسٽور ڪيپر حزب الله راڄپر کي معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته صفائي نه هجڻ ايڪسري مشين خراب هجڻ ۽ اسپتال احاطي ۾ اسٽور هلڻ سميت سهولتون نه هجڻ تي سخت پڇاڻي جا ليٽر جاري ڪندي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو