سيپڪو جي غفلت، 11 هزار لائن جون تارون ڪري پيو

وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي ) قمبر  روڊ تي 11 هزار بجلي جون تارون روڊ  تي ڪري پيون سيپڪو عملي جي غفلت سبب ڪنهن به مهل وڏو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو. ان باري ۾ رابطو ڪرڻ تي  ايس ڊي او عبدالرشيد شيخ ٻڌايو ته اسين ان باري ۾ ايڪسين کي رپورٽ اماڻي آهي ۽ جيئن ئي منظوري ملندي ته مرمتي ڪم شروع ڪيو ويندو. ياد رهي ته 6 مهينا اڳ  11 هزار  لائن واريون بجلي جون تارون ڪرڻ سبب نوجوان خادم  حسين پنهور فوت ٿي ويو  هو،  ڪجهه عرصو پهرين دودو کٽياڻ جي ڪڻڪ جي ديري کي باهه لڳي هئي ۽ لکين روپين جي ڪڻڪ سڙي وئي هئي.

سياسي ۽ سماجي اڳواڻ شرف الدين پنهور ، گلاب وڳڻ ، جي ايم وڳڻ . سعيد بروهي، قربان مغيري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  سيپڪو وارن غفلت سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جو ازالو نه ٿي سگهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد ڪريل تارن جو بندوبست  ڪيو وڃي نه ته اسين سيپڪو آفيس آڏو ڌرنو هڻنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو