سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي خوشي جوڳي آهي: وزيراعظم

سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي خوشي جوڳي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ موڊيز جي ريتنگ ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معاشي ماهرين جي سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي خوشي جوڳي آهي.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم مهانگائي جي شرح ۽ پاڪستان جي شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.هن چيو ته جولاءِ 2024 ۾ ڪنزيومر پرائس انڊيڪس ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي ۽ مهانگائي جي شرح 11 سيڪڙو تي اچي وئي جنهن کان پوءِ معاشي ماهرين طرفان سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي خوشي جوڳي آهي.وزيراعظم چيو ته فچ کان پوءِ تازو ئي عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي جيڪا عالمي مالياتي ادارن طرفان پاڪستان جي مثبت معاشي اشارن جو اعتراف آهي.هن چيو ته حڪومت معاشي اصلاحات جي پاليسي تي گامزن آهي، رائيٽ سائيزنگ پاليسي تي به تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي جنهن جي نگراني مان پاڻ ڪري رهيو آهيان، انهي جا معيشت تي مثبت اثر جلد نمايان ٿيندا.هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي صارفين کي بلن جي مد ۾ هڪ وڏو رليف ڏنو ويو ۽ اڄ کان پيٽروليم شين جون قيمتون به وڌيڪ گهٽ ٿي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو