سيٺارجا ۾ جهيڙي ۽ احتجاج جون خبرون

سيٺارجا(سجاد علي ڪٻر) ڳوٺ غلام قادر ڪيريو ۾ مٽي مائٽي جي معاملي تان ڀرياروڊ جي رهواسي خالد حسين ۽ محمد حسن ڪيريو لٺين سان حملو ڪري رحيم بخش ڪيريو ۽ هڪ عورت مسمات پروين کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو جن کي ٺري ميرواهه اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي سيٺارجا پوليس غوث بخش ڪيريو جي فرياد تي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪري کين گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.*** ڳوٺ وليداد لنڊ جي رهواسي نوجوان محمد عرف نالي مٺو لنڊ پريس ڪلب تي پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منهنجي ماءُ نور بانو ۽ ان جا ڀائر  اسد علي، جنسار احمد ، شاهد ، نثارسئوٽ وجاد سڪندر، نجب علي مامو ۽ ٻين سان ملي ڪري منهنجي ملڪيت ڦٻائڻ ٿا چاهين هنن منهنجي زرعي زمين 15جريب ۽ منهنجي گهر تي قبضو ڪري ويٺا آهن ۽ قبضو ختم ڪرڻ جو چوڻ تي ڪوڙا ڪيس ۽ حملا ڪن ٿا ۽ سيٺارجا پوليس وٽ ڪيترائي ڀيرا دانهيو آهي ته پر پوليس به مون کي انصاف نه ٿي ڏياري منهنجي سئوٽن ۽ چاچن ۽ مون کي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا هن وڌيڪ ٻڌايو ته مون کي ۽ منهنجي سئوٽن ۽ چاچن کي اگر ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار مذڪوره ماڻهون هوندا***3 ڏينهن اڳ ڳوٺ ميوو خان شيخ ۾ مڙس جي گهر مبينه طور شادي ٿيل ناري مسمات شهناز شيخ جي خودڪشي ڪرڻ واري واقعي جي سلسلي ۾  فوتڻ ناري جي مڙس ممتاز شيخ گهر ڀاتين سميت احتجاج ڪندي فوتڻ جي والدين ۽ ٻين وارثن پاران کيس کي تشدد ڪري مارڻ وارن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته فوتڻ تي ڪوبه تشدد نه ڪيو ويو. اسان هر قسم جي انڪوائري لاءِ تيار آهيون.*** حسين آباد محلي جي رھواسين ضامن علي لنڊ, قادري لنڊ, ماهي خان لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاجي بک هڙتال جو سلسلو جاري رکيو.

ھنن چيو ته محلي اندر صفائي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جو نظام پڻ ناڪاره بڻيل آھي جڏھن ته ڪيترائي ڀيرا ٽائون انتظاميه کي آگاه ڪيو آھي پر ڪوبه تحرڪ نٿو ورتو وڃي. ٻئي طرف احتجاجي ڪئمپ تي ٽائون چيئرمين حاجي غلام مصطفى لنڊ پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين ٻڌايو ته اڳ به هن وارڊ ۾ هڪ ڪروڙ 10 لک روپين جا ٽائون پاران ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ هلندڙ مهيني ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا جنهن جو ٽينڊر ٿيل آهي ان باوجود احتجاج ڪندڙن چيوته جيسيتائين هو پنهنجي اکين سان ڪم شروع ٿيندي نه ڏسندا احتجاج ختم نه ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو