سيوريج لائين ۾ ڌماڪو، 8 ڄڻا زخمي، ڪيترائي دڪان تباهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي جمشيد ڪوارٽر لسبيلا چوڪ وٽ سيوريج لائين ڦاٽڻ سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪيترائي دڪان ڊهي پٽ ٿي ويا.پوليس موجب جمعي جي نماز کانپوءِ لسبيلا چوڪ ڀرسان نعمان مسجد جي سامهون انڊر گرائونڊ سيوريج لائين ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو.ڌماڪي جي نتيجي ۾ 100 گز تائين جي دڪانن ۽ هڪ گهر کي سخت نقصان پهتو.ايڌي فائونڊيشن موجب حادثي ۾ زخمي ٿيل 8 ڄڻن کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي.ٽراما سينٽر جي سربراهه ڊاڪٽر صابر ميمڻ موجب ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن مان هڪ جي حالت نازڪ آهي، جڏهن ته ٻين کي جسم جي مختلف حصن تي معمولي زخم آهن.سندس چوڻ آهي ته زخمين جي عمر 24 کان 50 سالن جي وچ ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو