اسلام آباد(بيورو)سائنس ۽ ٽيڪنالوجي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪميٽي چيئرمين ۽ پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز آمهون سامهون ٿيا آهن شهباز گِل جي گهرواري جي ڊگري واري معاملي تي بحث دوران چيئرمين افغان الله ۽ شبلي فراز هڪٻئي تي پئسا وٺڻ جا الزام هنيا ڪميٽي چيئرمين افغان الله چيو ته ايزا اسد نه ڊگري مڪمل ڪئي ۽ نه ئي رپورٽ جمع ڪرائي، کيس ايندڙ اجلاس ۾ گهرايون ٿا يا وڊيو تي بيان ورتو ويندو،سارجنٽ ايٽ آرمز ڪميٽي روم ۾ داخل ٿي تڪرار ختم ڪرايو










