سينيٽ ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ غير آئيني، غير قانوني ۽ غير جمهوري قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ جي ٺهراءَ کي غير آئيني، غير قانوني ۽ غير جمهوري قرار ڏئي ڇڏيو. تحريڪ انصاف اڳواڻ بئريسٽر گوهر چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ٺهراءِ جي منظوري تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڪجهه سياسي جماعتن طرفان سينيٽ جي فلور ذريعي عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش آئين ۽ جمهوريت تي حملو آهي، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته دستور تحت مقرر ڪيل 90 ڏينهن ۾ صاف شفاف چونڊون اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جي آئيني ذميواري آهي، غير آئيني ۽ غير قانوني ٺهراءَ جي منظوري عدالت عظميٰ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ۽ توهين عدالت آهي، تحريڪ انصاف عام چونڊن لاءِ مڪمل طور تيار آهي ۽ چونڊن ۾ دير سان ڪوشش ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ فوري طور نوٽيس وٺندي اهڙيون ڪوششون روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو