سينيٽ: ايران تي اسرائيلي حملي خلاف قرارداد منظور

سينيٽ: ايران تي اسرائيلي حملي خلاف قرارداد منظور

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽ ايران تي اسرائيلي حملي خلاف قرارداد منظور ڪري ورتي آهي.نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايران تي اسرائيلي حملي خلاف قرارداد پيش ڪئي، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو.قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل بين الاقوامي قانون ۽ گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اسرائيل جا ڪارروايون جنگي ڏوهه آهن ۽ علائقائي امن کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، ۽ اسرائيل غزه ۾ ٻارن جو قتل عام ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو