واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر باب مينينڊز پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.سينيٽر باب مينينڊز پاڪستاني نژاد آمريڪي ڊاڪٽر آصف محمود سان ملاقات ۾ چيو ته هو پاڪستان ۾ انتشار نه پر استحڪام چاهي ٿو.باب مينينڊز چيو ته پاڪستان ۾ بيگناهه آمريڪين جي گرفتاري تي کيس ڳڻتي آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ آمريڪا جي اڳواڻن سجاد برڪي ۽ عاطف خان آمريڪي سينيٽر جان ڪارنين سان ملاقات ڪئي.پي ٽي آءِ يو ايس اي اڳواڻن دعويٰ ڪئي آهي ته سينيٽر ڪورنين چيو آهي ته هو معاملو آمريڪي سينيٽ ۾ اٿاريندو.آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ پاڪستان ڪاڪس جي سربراهه شيلا جيڪسن به پاڪستان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.شيلا جيڪسن چيو ته پرامن احتجاج ڪندڙن کي تحفظ ڏنو وڃي.










